اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ثابت ٿي ويو ته پلواما حملو پاڪستان جي خلاف ڀارتي سازش هئي. هڪ بيان ۾ شهريار آفريدي چيو ته پلواما حملي جو مقصد پاڪستاني ۽ ڪشميري حريت ڪارڪنن ۽ آزادي پسندن تي ان حملي ??و الزام هڻڻ هو، ڀارتي ان??يليجنس جي پاڪستان مخالف ايجنڊائن تي ڪارروائي بي نقاب ٿي وئي، ڊس ان??و ليب رپورٽ کانپوءِ هاڻي ارناب گيٽ به ڀارتي ان??يليجنس جو ڪڌو چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو.