اسل??م آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپاري ڪاٿو وڌائڻ ۽ ثقافتي ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته اسل??م آباد ۾ پاڪ، آذربائيجان، ترڪي ٽه ڌرئي ڳالهين سان ٽه رخي لاڳاپن ۽ ڀائر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ حاصل ٿيندو. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻ?? ملاقات ڪئي.