اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان توانائي واري وفاق?? وزير عمر ايوب خان هتي ??لاقات ڪئي، توانائي وار?? وزير انڊسٽريل پيڪيج، توانائي ۽ پيٽروليم بابت معاملن تي وزيراعظم کي بريف ڪيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب هن چيو ته صنعتي شعبي کي رعايتي اگهن تي بجلي جي فراهمي جي حڪومتي ??يصلي جا مثبت نتيجا سامهون آيا آهن، وزيراعظم ڪاروباري طبقي پاران بجلي جي اگهن جي حوالي سان حڪومتي ??يصلي جي آجيان تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ انڊسٽري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.