اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪشميري عوام جي حق پرست جدوجهد ۾ انهن جي نه ختم ٿيندڙ حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. ڀارت جي غير انسان?? قدمن، وحشياڻي ڏاڍ، ”هندو توا“ آر ايس ايس، بي جي پي حڪومت جو انتها پسنداڻو چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت جا قدم عالمي قانونن، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين سان ڀارتي واعدن جي خلاف و??زي آهن، ڪشمير هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجي گهرن ۾ قيد آهن، ڀارتي ظلمن جي انتها ۽ رياستي دهشتگردي جي باوجود ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪشمير ۾ ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 73 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن ڀارتي فوج عالمي قانونن ۽ انساني اصولن جي خلاف و??زي ڪندي سرينگر ۾ لٿي، گذ??يل سال پنج آگسٽ تي ڀارت والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تڪراري حيثيت ۽ ان جي آبادي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ لاءِ قدم کنيو، ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪ طرف?? قدمن کي ڪشميري عوام، پاڪستان ۽ عالمي برادري رد ڪيو.