اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان چيو آهي ته پا??ستان جي س??لميت ۽ خودمختياري کي يقيني بڻائڻ جي سلسلي ۾ تذويراتي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسلا ڪتب آندا ويندا، پا??ستان جي جوهري ۽ تذويراتي صلاحيت هڪ مضبوط ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم جي تحت مڪمل طور تي محفوظ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپارڪو جي سيٽلائيٽ گ??ائونڊ اسٽيشن جي دوري جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظم کي اسپيس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ مقامي صلاحيت جي تر??ي ۾ اسپارڪو جي ڪاميابين سان گڏوگڏ قومي سلامتي کي مضبوط بڻائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ اسپارڪو جي خدمتن جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي.