اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن جي صدارت ۾ ملڪ ۾ گئس جي طلب ۽ پهچ جي موجوده صورتحال ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن جي صورتحال جي حوالي ????ن جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، منصوبابندي واري وزير اسد عمر، توانائي واري وزير عمر ايوب، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، پيٽروليم واري خاص معاون نديم بابر ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ??ي ملڪ ۾ گئس جي طلب ۽ پهچ جي موجوده صورتحال، مقامي گئس جي پيداوار ۾ ٿيندڙ گهٽتائي، گئس جي طلب کي پورو ڪرڻ جي حوالي ??ان ڪيل انتظامن تي تفصيلي ??ريفنگ ڏني وئي.