اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪووڊ 19 جي وبا گذريل صدر جي دوران دنيا سميت پاڪستان لاءِ هڪ شديد وبا ثابت ٿي آهي ج??هن سان معيشت تي دٻاءُ و??يو ۽ صحت جا مسئلا پيدا ٿيا، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي ج?? حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته صحت جي مسئلن جو حل معيشت کي بند ڪرڻ ناهي هوندو. هن چيو ته هلندڙ سال پهرين ٽه ماهي دوران آمريڪا ۽ برطانيه سميت ٻين ملڪن جون معيشتون بري طرح متاثر ٿيو پر پاڪستان ڪورونا وائرس جو جهڙي طرح مقا??لو ڪيو ان جو اعتراف عالمي سطح تي ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان ان مشڪل جو ڪاميابي سان مقا??لو ڪيو آهي، هن چيو ته بل گيٽس به ڪيترن ئي موقعن تي ڳالهائڻ دورا?? پاڪستان ۽ ڀارت جو تجزيو ڪندي پاڪستان جي ڪارڪردگي کي شاندار قرار ڏنو جڏهن ته گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي ج?? چونڊيل صدر به پنهنجي تازي پاڪستانجي دوري ج?? موقعي تي ان جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته دنيا پاڪستان جي تجربن مان فائدو کڻي، وفاقي وزير چيو ته وال اسٽريٽ جرنل پاڪستان جي باري ۾ عام طور تي سٺيون خبرون ناهي ڏيندو وائرس جي حوالي سان حڪومت جي قدمن کي ساراهيو ويو.