اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جو د??ئر?? ڪار بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان تائين وڌايو وڃي. ايوان صدر ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي تي بريفنگ ڏني وئي، صدر عارف علوي کي اداري جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جي وائيس چانسلر ميجر جنرل ريحان عبدالباقي، سپارڪو جي چيئرمين ميجر جنرل عامر نديم، ايس پي ڊي جي ڊ??ئر??ڪٽر برگيڊيئر عبدالرحمان عار?? شرڪت ڪئي.