اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي ا??لاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سول سروسز ۾ سڌارا اڌ صدي کان مروج فرسوده نظام ۾ تبديلي ۽ پاڪستان جي نئين روشن مستقبل لاءِ ??هم سنگ ميل ثابت ٿيندا، ترقي جا معيار بدلجي ويا، نااهلي جي حوصلا شڪني ۽ اهليت جي حوصلا افزائي ٿيندي، ماڻهن جي خوشنودي يا ڪنهن سياسي خاندان جي خدمت گذاري ت??قي جو معيار نه بڻجندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ت??قي جو معيار هاڻي محنت، صلاحيت، عوامي خدمت ۽ عوام جي مسئلن جي حل سان جوڙي ڇڏيو آهي.