اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخل??قي حمايت جاري رکندو، ڪشميرين جي سفير سان گڏ انهن جو ترجمان ۽ وڪيل پڻ بڻجندس، سلامتي ڪائونسل مان ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏياري رهند??سي??، خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميرين سان گڏ رهند??سي??. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي جاب??اڻ?? ۽ غاصباڻي فوجي چڙهائي جي حوالي سان ڪاري ڏينهن موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن 72 سال اڳ ڀارت پنهنجي فوج ڪشمير ۾ لاٿي، ان وقت جو ڀارتي وزيراعظم جواهر لال نهرو گڏيل قومن ۾ پاڻ اهو مسئلو کڻي ويو، سلامتي ڪائونسل ف??صل?? ڏنو ته ڪشميري پاڪستان يا ڀارت سان گڏ رهڻ جو ف??صل?? پاڻ ڪن پر ڪشميرين کي اڄ تائين اهو حق نه مليو.