اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??ڳو??ڻ سينيٽر شبلي فراز مشهور لوڪ فنڪار شو??ت علي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ سينيٽر شبلي فراز چيو ته پنهنجي آواز سان پاڪستانيت جاڳائيندڙ فنڪار شو??ت علي جي لاڏاڻي تي هر پاڪستاني کي دلي افسوس ٿيو آهي، هن چيو ته پاڪستانيت جي جذبي سان گائيندڙ فنڪار شو??ت علي ولوله انگيز ملي ترانن سان دفاع پاڪستان جي جنگ??ن ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو.