سي پيڪ منصوبا موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهن: وزيراعظم

image

اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سي پيڪ منصوبا موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهن ۽ هو توانائي، بنيادي ڍانچي، ريلوي ۽ ٻين شعبن سميت انهن شاندار منصوبن تي اڳڀرائي جي ذاتي نگراني ڪري رهيو آهي. هن اها ڳالهه سي پيڪ بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر مشاهد حسين سيد سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي ۽ سي پيڪ بابت پارلياماني ڪميٽي جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي.

مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز