اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اهم گهڻ رخي ۽ ٻطرفي مشنز ?? پاڪستان جي سفيرن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري ۽ وزارت جي سينيئر ڊائريڪٽر جنرلز پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سفيرن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي بابت پنهنجي جائزي، خيالن ۽ 2025ع ۽ ان کا??پو??ِ جي پرڏيهي پالي??ي جي ترجيحن تي پنهنجي راءِ پيش ڪئي. ان موقعي تي پنهنجي اهم خطاب ۾ نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير ٻطرفي ۽ گهڻ رخن ۾ هڪ متحرڪ پرڏيهي پالي??ي جو ويزن شيئر ڪيو. هن سڄي دنيا جي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪن??ي سفيرن تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان جي عالمي ساک کي وڌائڻ ۽ ان جي عالمي حصيداري کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پاڪستان جي سفيرن جو ساليانو اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ هڪ باقاعده ايونٽ آهي جنهن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پالي??ي جي مختلف رخن ۽ ان کي ٺوس لاڳو ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وڃي ٿي.