پشاور-25 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته قائداعظم جي جنم ڏڻ تي قوم کي واڌايون، سندس قيادت، بصيرت ۽ اصول پسندي عيوض ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي آزادي ملي. قائداعظم محمدعلي جناح جي جنم ڏڻ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته قائد جي قيادت ۾ آزاد ملڪ پاڪستان جي قيام جو خواب حقيقت ۾ بدليو، سندس شخصيت اعليٰ اخلاقي قدرن، قانون جي پاسداري ۽ جمهوري اصولن جي علمبردار هئي. هن چيو ته قائداعظم جا اصول (اتحاد، اي??ان ۽ تنظيم) اسان جي قومي ترقي ۽ استحڪام لاءِ مشعل راهه آهي، قائد جي بي لوث قر??انين ۽ اڻٿڪ محنت جي نتيجي ۾ اڄ اسان آزاد وطن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. گورنر چيو ته الحمدلله قائداعظم جو پاڪستان اڄ واحد اسلامي ايٽمي طاقت ب??جي چڪو آهي، اسان قائداعظم جي خو??ب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ پنهنجي سمورين ص??احيتن کي ڪتب آڻينداسين. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي قائداعظم جي اصولن تي عمل ڪرڻ ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ. آمين