اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري زوب ضل??ي ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڪامياب ڪارروائ?? دوران 15 خوارجين کي جهنم واصل ڪرڻ تي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. هن آپريشن د??ران د??شتگردن سان وڙهندي شها??ت ماڻيندڙ سپاهي عارف الرحمان شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو، هن شهيد جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.