قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته انڊون??شي?? پاڪستان جو ڀروسي جوڳو واپاري حصيدار آهي، کاڄرو تيل جي ضرورتن جو گهڻو حصو ان کان ئي برآمد ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سربراهي اجلاس جي موقعي تي انڊون??شي?? جي صدر پر??بوو سوبيانتو سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف پر??بوو سوبيانتو کي انڊون??شي?? جي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول سياسي، واپاري ۽ اقتصادي معاملن کانسواءِ گهڻ رخي فورمز تي تعاون پڻ شامل آهي. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي برقرار رکڻ جي لاءِ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته انڊون??شي?? پاڪستان جو ڀروسي جوڳو واپاري حصيدار آهي. هن خاص طور تي پام آئل فراهم ڪندڙ ملڪ جي طور تي انڊون??شي?? جي ڪردار ???? ساراهيو ڇو ته پاڪستان کاڄرو تيل جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ گهڻو حصو انڊون??شي?? کان درآمد ڪري ٿو. آسيان ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان رابطي جي حوال?? سان پاڪستان جي گهري دلچسپي جو اظهار ??ندي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي آسيان ۾ سيڪٽورل پارٽنر جو درجو حاصل ڪرڻ ۽ آسيان علائقائي فورم جي ميمبرشپ جي لاءِ انڊون??شي?? جي حمايت ک?? ساراهيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان انڊون??شي?? جي تعاون ۽ حمايت سان آسيان جو مڪمل ڊائيلاگ پارٽنر بڻجندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر پر??بوو سوبيانتو کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي. ٻنهي اڳواڻن فلسطين جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ، غزه ۾ جنگبندي ۽ فلسطين مسئلي جي حل لاءِ هڪ جامع طريقيڪار اختيار ??رڻ تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن هڪ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام، جنهن جون سرحدون 1967ع کان اڳ جي طرز تي هجن ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.