اسلا?? آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) ن??ئب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 2 ۽ 3 ڊسمبر تي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي وزيرن واري ڪائونسل جي 28هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ مشهد ايران جو دورو ڪ??دو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس ??ري??نگ دوران چئي. هن چيو ته ن??ئب وزيراعظم اجلاس ۾ اي سي او چارٽر جي حوالي سان ??اڪ??تان جي عزم جو ورجاءُ ڪندو ۽ اي سي او خطي ۾ وڌ کان وڌ رابطي جي امڪانن کي اجاگر ڪندو، هو پنهنجي خطاب ۾ اي سي او خطي جي اقتصادي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ رستن ۽ ريل نيٽ ورڪس جي ترقي، ويزا نظام کي نرم ڪرڻ ۽ سرحدي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ ۽ جيو اڪنامڪ صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ زور ڀري??دو. ترجمان چيو ته ن??ئب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وچ اوڀر جي موجوده صورتحال سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري بابت ??اڪ??تان جي خدشن جو پڻ ورجاءُ ڪ??دو. ن??ئب وزيراعظم اي سي او ڪلين انرجي سينٽر جي چارٽر تي پڻ صحيحون ڪندو ۽ اي سي او ملڪن جي وزيرن سان ملاقاتون ڪ??دو.