اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي سلسلي ۾ 50 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي مطابق پاليسي تي ٻڌل قرض ماحولياتي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي پروگرام سي ڊي ريپ تحت فراهم ڪيو پيو وڃي، جنهن سان پاڪستان کي ماحولياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن کي گهٽ ڪرڻ ۽ موسمياتي لچڪ ۾ اضافي جي منصوبه ??ندي، تياري ۽ جواب ڏيڻ جي ادارن سطح تي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي، پروگرام تحت قدرتي آفتن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماحولياتي موزونيت ۽ لچڪ جي شعبي ۾ شموليتي سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي ۾ ماحولياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن جي خطرن سبب متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. بئنڪ جي وچين ?? اولهندي ايشيا جي ڊائريڪٽر جنرل ايوگيني زوڪو ٻڌايو ته اهو پروگرام بئنڪ جي ڊگهي مدي جي ڪوششن جي بنياد تي بڻايو ويو آهي جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ موسمياتي ۽ قدرتي آفتن جي خطرن کي ??مج??ڻ ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر قدم کڻن آهي.