اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ فلسطيني ??اگردن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وڌيڪ فلسطيني ??اگردن کي سرڪاري خرچ تي مفت تعليم ڏني ويندي، عالمي برادري غزه ۾ اسرائيلي فوج پاران فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ۽ جنگبندي ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهي آهي، پاڪستان جي عوام مشڪل جي گهڙيءَ ۾ فلسطيني ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستاني ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ تعليم پرائيندڙ فلسطيني ??اگردن ۽ شاگردياڻين کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته غزه جي ذهين شاگردن کي خطاب ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، پاڪستان انهن جو ٻيو گهر آهي، کليل دل سان انهن کي ڀليڪار چئون ٿا، انهن جي مصيبتن کان پاڪستان سميت پوري دنيا آگاهه آهي ۽ ان ۾ ڏينهون ڏينهن شدت اچي رهي آهي، اسرائيلي فوج پاران بي رحماڻو ظلم جاري آهي جنهن ۾ هيستائين 43 هزار کان وڌيڪ فلسطيني ??هيد ٿي چڪا آهن، هزارين ٻارن کي انهن جي مائرن جي هنج ۾ شهيد ڪيو ويو آهي، ڪيترائي شهر ت??اه?? ڪيا ويا آهن. هن چيو ته عالمي برادري اڃا تائين رڳو قراردادون، تقريرون ۽ واعدا ڪري رهي آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، انصاف جي عالمي عدالت سميت ڪيترن ئي عالمي فورم جنگ بندي جي لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، دنيا جي تاريخ ۾ ان کان اڳ ايتري ت??اه?? ناهي ڏٺي. هن چيو ته توهان اسان جا ڀينر ڀائر آهيو، اسان جا گهر، استاد سڀ ڪجهه توهان جي لاءِ آهن، اسان پاڪستان ۾ توهان جي لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪنداسين جنهن جي توهان کي ضرورت هوندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ فلسطين ۽ اسرائيلي فوج پاران فلسطينين جي نسل ڪشيءَ بابت مختلف ملڪن جي صدرن ۽ وزيراعظمن تقريرون ڪيون پر ان کانپوءِ به غزه ۾ رت وهايو پيو وڃي، اسڪولن ۽ اسپتالن کي بمباري ڪري نشانو بڻايو پيو وڃي، مون گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي تقرير دوران اوڀر تيمور، سو??ان جي معاملي جي حل ۽ فلسطين تڪرار جي حوالي سان عالمي برادري آڏو ڀيٽ پيش ڪئي، جڏهن ط??قت??ر ملڪ چاهين ٿا ته مسئلو حل ٿي وڃي ٿو، جڏهن اهي نه ٿا چاهين ته مسئلي کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته فلسطينين جون اميدون پوري دنيا جي لاءِ متاثر ڪندڙ آهن، هر خاندان مان ماڻهو شهيد ٿيا آهن، انتهائي افسوسناڪ صورتحال آهي، غزه ۽ فلسطين جي ماڻهن جون زندگيون بچائڻ جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، غزه آئوٽ ريچ پروگرام فار ايجوڪيشن جي لاءِ سرندي وارن ماڻهن تعاون فراهم ڪيو. هن چيو ته 145 فلسطيني ??اگرد پاڪستان پهچي چڪا آهن، وڌيڪ شاگردن جي مختلف شهرن ۾ تعليم جي فراهمي جي لاءِ اسان انهن جي ميزباني ڪنداسين، اها اسان جي ذميواري آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ وڌيڪ فلسطيني ??اگردن کي سرڪاري خرچ تي مفت طبي تعليم ڏني ويندي، پرڏيهي وزارت ۽ صحت واري وزارت کي ان حوالي سان فوري ٺوس ڪوآرڊينيشن جي ذريعي قدم کڻڻ گهرجن، ان ۾ ڪا دير نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته فلسطينين پنهنجا پيارا وڃايا آهن، پاڪستاني ??وهان جا ڀينر ڀائر آهن جيڪي توهان جي پنهنجي خاندان وانگر توهان جي سارسنڀال ڪندا. وزيراعظم جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي فلسطيني ??اگردن کي ملڪ جي نجي ۽ سرڪاري ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ميڊيڪل جي تعليم ڏني پئي وڃي، ان نيڪ مقصد جي لاءِ تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ الخدمت فائونڊيشن سميت ميڊيڪل ڪاليجن جو ٿورائتو آهيان، انهن شاگردن کي اسلام آباد، راولپنڊي ۽ لاهور جي بهترين ميڊيڪل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم ڏني پئي وڃي ته جيئن اهي غزه جي صورتحال جي ڏس ۾ اڻ مڪمل رهجي ويل پنهنجي تعليم مڪمل ڪري سگهن. هن چيو ته پاڪستان حڪومت انهن شاگردن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، مشڪل وقت ۾ فلسطيني ??اگردن کي تعاون جي سخت ضرورت آهي، هيستائين 145 شاگرد پاڪستان پهچي چڪا آهن. ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي سرڪاري ۽ نجي ڪاليجز کي فلسطيني ??اگردن کي طبي تعليم جي سهولت ڏيڻ جي لاءِ خط لکيو، 60 ميڊيڪل ڪاليجن فلسطيني ??اگردن کي مفت تعليم ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي، 24 شاگرد لاهور ۽ 121 راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي ڪاليجن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، فلسطيني ??اگردن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، فلسطيني ??اگردن جي حوصلي کي داد ڏيون ٿا. فلسطيني ??اگردن ڊاڪٽر لامه ۽ ڊاڪٽر مسرت پاڪستان ۾ تعليم هيٺ ميڊيڪل شاگردن ۽ شاگردياڻين جي نمائندگي ڪئي ۽ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان غزه سان تعلق رکون ٿا، پنهنجن کي اسرائيلي فوج جي هٿان شهيد ٿيندي ڏسڻ آسان نه آهي، الخدمت فائونڊيشن سميت ٻين ادارن جا پاڪستان ۾ پنهنجي تعليم ۾ تعاون تي ٿورائتا آهيون، پاڪستان جي بهترين طبي تعليمي ادارن ۾ تعليم جي سهولت جي فراهمي تي ٿورائتا آهيون، اميد آهي ته ميڊيڪل جي تعليم جي خواهشمند وڌيڪ فلسطيني ??اگردن کي به هتي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو، فلسطينين جي حمايت ۽ مدد تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون.