اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي 23هين حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ جناح ڪنوينشن سينٽر آمد تي حڪومتي سربراهن ۽ نمائندن جو والهاڻو استقبال ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پ??ڏي??ي وزير اسحاق ڊار به ساڻس گڏ هئا. ايس سي او جي سيڪريٽري جنرل جانگ منگ ۽ ايران جي صنعت واري وزي?? سيد محمد اتابڪ سڀ کان پهرين جناح ڪنوينشن سينٽر پهتا جتي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پ??ڏي??ي وزير اسحاق ڊار سندن آجيان ڪئي. جنهن کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف چين جي وزيراعظم لي چيانگ، روس جي وزيراعظم ميخائل مشوستن، تاجڪستان جي وزيراعظم ڪوهر رسول زاده، بيلاروس جي وزيراعظم رو??ن گولو وچينڪو، ڪرغزستان جي ڪابينا جي وزيرن جي چيئرمين اڪيل بيڪ جاپاروف، منگوليا جي وزيراعظم اويون اردين لويسنا مسراي، ازبڪستان جي وزيراعظم عبدالله اريپوف، ترڪمانستان جي وزيرن جي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ پ??ڏي??ي وزير راشد ميريدوف ۽ قازقستان جي وزيراعظم اولز هائوس بيڪو تينوو?? ڀارتي پ??ڏي??ي وزير جئه شنڪر جي آجيان ڪئي. ان کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اجلاس ۾ شريڪ ايس سي او ا??وا??ن گروپ فوٽو ڪڍرايو. استقبال کانپوءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي 23 هين حڪومتي سربراهن جو اجلاس باضابطه طور تي شروع ٿيو.