اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ اثرائتي نگراني کي يقيني بڻائڻ لاءِ سيف سٽي ۾ سي سي ٽي وي مانيٽرنگ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. سي سي ٽي وي ڪيمرائن کي 24 ڪلاڪ فعال رکڻ لاءِ پي ٽي سي ايل جي سهڪار سان بيڪ اپ سپورٽ جو نظام واضح ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ پي ٽي سي ايل جديد اوزان لڳائڻ جو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي. سيف سٽي ۽ پي ٽي سي ايل اختيارين ??طابق شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ اعليٰ سطحي وفد ش??ڪت ڪندا. جنهن کي نظر ۾ رکندي انتهائي جديد پيماني تي ڊيجيٽل سيڪيورٽي قدم کنيا ويا آهن. اختيارين ??اران سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي 24 ڪلاڪ فعاليت کي يقيني بڻائي ويندي. ان مقصد لاءِ بيڪ اپ سسٽم گهربل تقاضائن مطابق لڳايو ويو آهي.