اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي ز??داري پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين جو تحفظ ۽ سلامتي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جي ان ڪڌي ڏوهه جي مرتڪب ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، دشمن عنصرن جون بزدلاڻيون ڪارروايون دوستن جي وچ ۾ دوستي جي ٻنڌڻ کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي ز??داري چين جي سفارتخاني جو دورو ڪيو. صدر چين جي پاڪستان ۾ سفير جيانگ زيڊونگ سان ملاقات ڪئي. صدر 7 آڪٽوبر تي دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي پاڪستاني حڪومت ۽ ع??ام پاران دلي تعزيت جو اظهار ??يو. صدر آصف علي ز??داري ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ چيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ??يو. هن چيو ته چيني حڪومت ۽ ع??ام جو پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، ٻنهي ملڪن جا دشمن ٻنهي رياستن جي وچ ۾ وڌندڙ حصيداري نه ٿا ڏسي سگهن.