اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان 15 کان 16 آڪٽوبر تائين اسلام آباد ۾ شنگهائي ت??اون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي 23هين اجلاس ج?? ميزباني ڪندو جيڪو ايس سي او جو ٻيو اعليٰ ترين فيصلاساز ادارو آهي. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي موجوده چيئر جي حيثيت سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ سي ايڇ جي اجلاس ج?? صدارت ڪندو. هن چيو ته اسان شنگهائي ت??اون تنظيم ??ي ميمبر ملڪن، مبصر رياست منگوليا، ترڪمانستان بطور خصوصي مهمان ۽ عالمي تنظيمن جي نمائندن بشمول ايشيا ۾ انٽر ايڪشن ۽ اعتمادسازي جي قدمن بابت ڪانفرنس (سيڪا)، آزاد رياستن جي دولت مشترڪه (سي آءِ ايس) ۽ يورپي اڪانومڪ ڪميونٽي (اي اي سي) جي ميمبرن سان اعليٰ سطحي شرڪت جي اميد رکون ٿا. ترجمان چيو ته ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي اجلاس ۾ معيشت، واپار، ماحوليات، سماجي ۽ ثقافتي رابطن جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ تنظيم ??ي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. شنگهائي ت??اون تنظيم ??ي قيادت ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي ??ڌيڪ وڌائڻ ۽ تنظيم ??ي بجيٽ جي منظوري جي لاءِ اهم تنظيمي فيصلا ڪندي. هن چيو ته پاڪستان 2017ع ۾ ميمبر بڻجڻ کانپوءِ کان شنگهائي ت??اون تنظيم ??ي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ سٺي پاڙيسري لاڳاپن ۽ گڏيل لاڀائتي ت??اون کي ??ضبوط بڻائڻ جي لاءِ مستقل ۽ تعميري ڪم ڪيو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان پاران ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي ميزباني شنگهائي ت??اون تنظيم ??ي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن ۽ ”شنگهائي جذبي“ جي قدرن جي لاءِ پاڪستان جي مستقل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.