اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ناليواري اداڪار مظهر عل?? جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اداڪار مظهر عل?? جي لاڏاڻ?? جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته اڄ اسان هڪ عظيم فنڪار ۽ هڪ محترم انسان کي وڃائي ويٺا آهي??ن. ??ظهر علي پنهنجي فن?? صلاحيتن جي جادُو سان اسان کي جڪڙ?? رکيو ۽ پنهنجي اداڪاري سان اسان جي دلين ۾ گهر ڪري ورتو. هن چيو ته مظهر عل?? جي لاڏاڻي سان پاڪستاني ڊراما انڊسٽري کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.