اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا ف??ل الرحمان چيو آهي ته قائداعظم محمدعلي جناح اسرائيل جي قيام کي ناجائز قرار ڏنو هو. اسرائيلي بربريت کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا، مسلمان ملڪن کي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) فورم تي فلسطين مسئلي کي اُٿاريو وڃي. اهڙو اظهار هن مظلوم فلسطينين ??ان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ منعقد ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مولانا ف??ل الرحمان چيو ته اسرائيل جي ناسُور جو سڀ کان اولين فيصلو 1917ع ۾ برطانيه جي پرڏيهي وزير دالفور جي جبري معاهدي طور ٿيو، ان وقت فلسطين ??ي ڌرتيءَ تي يهودي وسنديون قائم ڪرڻ جو سلسلو ٿيو، 1940ع ۾ پاڪستان جي ٺهراءَ هڪ حصي ۾ فلسطينين ??ي ڌرتيءَ تي يهودي وسندين ??ان اختلاف جو اظاهر ڪيو ۽ فلسطين ??ي عوام سان گڏ بيهڻ جو اعلان ”اعلان پاڪستان“ ۾ موجود آهي.هن چيو ته جڏهن اسرائيل قائم ٿيو تڏهن قائداعظم محمدعلي جناح ان کي ناجائز ٻار قرار ڏنو، پاڪستان جي باني اسرائيل جي حوال?? سان سڀ کان پهريون تبصرو ڪيو ۽ اسرائيل جي صدر سڀ کان پهريان بيان جيڪو پرڏيهي پاليسي جي حوال?? سان ڏنو ته اسرائيل جي پرڏيهي پاليسيءَ جي بنيادن مان سڀ کان پهريون بنياد دنيا جي نقشي تي قائم ٿيندڙ اسلامي ملڪ جو خاتمو هو. مولانا ف??ل الرحمان وڌيڪ چيو ته اسان کي پاڪستان جو نقطه نظر معلوم هئڻ گهرجي ۽اسرائيل جو نقطه نظر به معلوم هئڻ گهرجي. هن چيو ته هن وقت فلسطيني رياست جي قيام جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن يا ٻه رياستي حل جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته اسان جي پارٽي ٻه رياستي حل جي مؤقف جي حامي ناهي، ڇاڪاڻ ته اسان ان پوري ڌرتيءَ کي عرب جي سرزمين چئون ٿا، اها عرب جي اها ڌرتي آهي جنهن ل??ءِ رسول ڪريمﷺ فرمايو ته سموري عرب مان يهودي کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ان خطي ۾ يهودين ??ي آبادي، وسندي يا ملڪ جي وجود جو ڪو حق ناهي. هن چيو ته شريعت ۽ سياسي لحاظ کان ان جي ڪا گنجائش ناهي ۽ نه ئي جاگرافيائي لحاظ کان ان جي گنجائش آهي. مولانا ف??ل الرحمان وڌيڪ چيو ته 7 آڪٽوبر تي اسان ان ل??ءِ گڏ ٿياسين ??ه فلسطينين ??ان يڪجهتيءَ جو ڏينهن ملهايون. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان ٻَڌيءَ جو مظاهرو ڪريون. هن چيو ته سياسي معاملن اليڪشن مسئلن تي اختلاف راءِ موجود آهي، ڪيترين ??ي شين ??ي اختلاف راءِ آهي پر انهن سڀني جي باوجود جيڪڏهن اڄ شنگهائي سهڪار تنظيم جو اجلاس پاڪستان جي ميزبانيءَ ۾ ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي اسان سربراهيءَ اجلاس جي احترام ۾ به ٻَڌيءَ جو مظاهرو ڪريون. جيڪڏهن اسان کي معيشت جي حوال?? سان دنيا جو اعتما?? حاصل ڪرڻو آهي ته اها ڏُکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪري، ان ل??ءِ اسان جي اندروني يڪجهتي ضرورت آهي ته جيئن اسان انهن جو اعتماد بحال ڪري سگهون. هن چيو ته غزه ۽ خان يونس ۾ هن وقت تائين ??ٽڪل 50 هزار مسلمان شهيد ٿي چڪا آهن، جن جي اڪثريت معصوم ٻارن، عورتن، بزرگن ۽ بيگناهه شهرين ??ي آهي. هي اهو انگ آهي جن جا جنازا پڙهيا ويا آهن. پر اٽڪل 10 هزار جي لڳ ڀڳ لاش اڃا به ملبي هيٺان دٻيل آهن، جن جي تدفين ??ه ناهي ٿي سگهي. هن چيو ته هزارين کير پياڪ ٻار اهڙا آهن جن کي سڀاڻي اها به خبر نه هوندي ته سندن والدين ڪير هئا، اهڙي صورتحال ۾ اسان کي مسلمان جي حيثيت سان سوچڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جي پياري نبيﷺ جو ارشاد آهي ته ايمان وارن جو مثال هڪٻئ?? سان دوستي ڪرڻ ۾ هڪٻئ?? سان مهربان ٿيڻ، همدردي ڏيکارڻ ۾ ائين ??هي جيئن هڪ جسم جي ڪنهن حصي ۾ سُور ٿئي ته اهو سڄي جسم ۾ محسوس ٿئي. هن چيو ته ڇا اڄ اسان فلسطينين ??ي ڏُک کي ان انداز م محسوس ڪري رهيا آهيون، ڇا اسان جو دل انهن ل??ءِ تڙپي رهيو آهي، مسلمان اُمت هڪ سال اندر جنهن غفلت جو مظاهرو ڪيو آهي، اهو الله جي نظر ۾ ڏوهه آهي ۽ اسان ان ڏوهه ۾ شريڪ آهيون، اسان پنهنجن ڀائرن سان اهڙي حالت ۾ اها همدردي ناهي ڏيکاري جن جا اهي حقدار آهن. اسان جي مدد کي پڪاري رهيا آهن، جڏهن والدين ??ڏو سندن ٻار شهيد ٿي رهيا آهن ته والد کين چوي ٿو ته توهان وڃي رسول اللهﷺ سان گلاڪجو ته مسلمان ڀائرن اسان جي مدد نه ڪئي. مولانا ف??ل الرحمان چيو ته ڇا اسان کي ان جو احساس آهي، اسان کان ڏکڻ آفريقا سٺو رهيو ته ان انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ۽ عدالت اسرائيل خلاف فيصلو ڏنو، پر اسرائيل ”مان نه مڃان“ وارو مظاهرو ڪري رهيو آهي، گڏيل قومن ان خلاف قرارداد پاس ڪئي، اسرائيل سيڪريٽري جنرل کي اسرائيل اچڻ کان روڪي ڇڏيو، اها صورتحال اسان ل??ءِ فڪر جوڳي آهي، ڪانفرنس، قرارداد پاس ڪري يا پڌرنامي جاري ڪري ته اسان فلسطيني ڀائرن تي ٿيندڙ جاري ظلم جو شايد حق ادا نٿا ڪري سگهون، پوري اسلامي دنيا مصلحتن جو شڪار آهي، ان ڪيفيت مان نڪرڻ پوندو، فلسطيني ڀائر رڳو زباني يڪجهتيءَ جا طلبگار ناهن اهي عملي طور تي ڪجهه چاهين ٿا. هن چيو ته اسان کي معلوم ڪرڻ گهرجي ته فلسطيني اسان کان ڪهڙي اميد رکن ٿا، اسان گذريل سال ملڪ جي وڏن شهرن ۾ ملين مارچ ڪيا. هن تجويز پيش ڪئي ته اها ڪانفرنس حڪومت کان مطالبو ڪري ته وڏن مسلم ملڪن جو گروپ بڻايو وڃي جنهن ۾ پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه، مصر، انڊونيشيا، ملائيشيا وغيره جو گروپ بڻائي، اسلامي ملڪن کي هڪ پليٽ فارم تي متحد ڪري گڏيل حڪمت عملي مرتب ڪري، اڄ جهنگ پکڙجي رهي آهي، لبنان ۽ ايران ۾ داخل ٿي رهي آهي، ٻي اسلامي دنيا نشاني تي آهي، اسرائيل پوري عالم اسلام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان اتحاد جي اڳواڻي ڪري يا ڪو ٻيو ملڪ ڪري، اهي گڏجي اسلامي دنيا بابت سوچين. ايس سي او جي فورم تي به اهو نُڪتو اُٿارڻ گهرجي ۽ مسئلي کي عالمي سطح تي اُٿاريو وڃي ۽ سندن ڌيان ان اهم مسئلي طرف ڇڪرائڻ گهرجي. رياست 1947ع کان اڳ ۽ ان کان بعد جي مؤقف تي به ڪليئر ٿيڻ گهرجي ته جيئن ان پليٽ فارم تان پوري دنيا کي پيغام ڏئي سگهجي ته اسان متحد آهيون.