اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آمر??ڪي بيورو آف انٽرنيشنل نارڪو ٽڪس اينڊ لا انفورسمينٽ افيئرز (آءِ اين ايل) جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ۾ آمريڪا جي نائب سفير نيٽلي بيڪر، ڪنٽري ڊائريڪٽر آءِ اين ايل لائن نيلسن، پوليس ايڊوائيزر ايڊ پريسٽن ۽ پوليس پروگرام اسپيشلسٽ فيصل گل به شامل هو. گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته پاڪ??تا?? جي پوليس ۽ پيرا ملٽري فورسز جون صلاحيتون وڌائڻ ۾ آءِ اين ايل غير معمولي سهڪار فراهم ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي اهم منصوبن تي ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪو واکاڻ جوڳو آهي. چاهيون ٿا ته ان سهڪار کي وڌيڪ اڳتي وڌايو وڃي ۽ پائيدار بنيادن تي قائم ڪيو وڃي، ماسٽر پلان ذريعي سڀ کان پهرين انتهائي اهميت وارن منصوبن تي ڌيان ڏنو وڃي. محسن نقوي چيو ته ايف آءِ اي پاڪ??تا?? جو انتهائي اهم جاچ ادارو آهي، چاهيون ٿا ته ايف آءِ اي کي آءِ اين ايل جي سهڪار سان ايف بي آءِ جي طرز تي متحرڪ ادارو بڻايو وڃي. پاڪ??تا?? ۾ ڏوهن جي خاتمي لاءِ اهو منصوبو هڪ ا??م سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته نيشنل پوليس اڪيڊمي جي نئين سر جوڙجڪ ا??تهائي ضروري آهي ته جيئن ان کي هڪ عالمي معيار جي اڪيڊمي بڻائي سگهجي. هن چيو ته فرنٽيئر ڪانسٽيلبري سڄي پاڪ??تا?? ۾ ريزور پوليس جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ان فور?? کي به جديد بنيادن تي هموار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، انهن سمورن معاملن ۾ اسان لاءِ سڀني کان اهم آمريڪا جي تجربي مان فائدو کڻڻ آهي. هن چيو ته منشيات جي روڪٿام جي سلسلي ۾ به هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. آمر??ڪي وفد طرفان دهشتگردي جي تازن واقعن ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو. آمر??ڪي نائب سفير ٻڌايو ته آءِ اين ايل 42 سالن کان پاڪ??تا?? جي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي. خواهش آهي ته ان سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ۽ پائيدار بڻايو وڃي.پاڪ??تا?? جي سيڪيورٽي ۾ ئي آمريڪا جي سيڪيورٽي آهي.