نيويارڪ – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 ارب ڊالر جي آءِ ايم ايف پئڪيج جي منظوري تي اطمين??ن جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته جيڪڏهن ائين ئي محنت ج??ري رهي ته هي پاڪست??ن جو آخري آءِ ايم ايف پروگرام هوندو، پاڪست??ن جي معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ائين ئي محنت ج??ري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان معاشي سڌارن جو تيزي سان لاڳو جاري آه??، پاڪست??ن جي معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ائين ئي محنت ج??ري رکنداسين. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروباري سرگرمين ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو خوش آئنده ۽ معاشي ٽيم جي محنت جو واضح ثبوت آه??، سفارتي محاذ تي ڪاميابين سان گڏوگڏ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو انهن جي حڪومتي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي آه?? جنهن تي پاڪستاني برادري جا ٿورائتا آه??ون. هن چيو ته جيڪڏهن ائين ئي محنت ج??ري رهي ته انشاءَ الله هي پاڪست??ن جو آخري آءِ ايم ايف پروگرام هوندو. وزيراعظم آءِ ايم ايف پئڪيج جي حوالي سان معاونت فراهم ڪندڙ دوست ملڪن خاص طور تي سع??دي عرب، چين ۽ گڏيل عرب امارات، مئنيجنگ ڊ??ئر??ڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا ۽ سندس پوري ٽيم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم پوري حڪومتي معاشي ٽيم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، پاڪست??ن جي چين ۾ سفير خليل هاشمي، پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ، ناڻي واري سيڪريٽري جا پڻ ان حوالي سان ڪوششن ۽ محنت تي ٿورا مڃيا. هن سمورين صوبائي حڪومتن خاص طور تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ بلوچست??ن جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جا پڻ ٿورا مڃيا.