اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت مهانگائي جي شرح کي گهٽ ڪري12 سيڪڙو ت??ئين آڻڻ جو هدف مقرر ڪيو تنهن هوندي به گذريل 8 مهينن ۾ ان کي 9.6 سيڪڙو ت??ئين وٺي آئي آهي جيڪا واکاڻ جوڳي آهي، پارليامينٽ ۽ آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت لاءِ اسان کي تلخين جو سلسلو ختم ڪرڻو پوندو، سياسي اختلافن باوجود ورڪنگ رليشن شپ قائم ڪرڻ ضروري آهي، ??يبرپختونخوا جي وڏي وزير ميڊيا ۽ مخالف ڌر کي گار ڏئي ججن خلاف انتقامي ڪارروائي ڪري صوبي جي عوام جي خدمت نه ڪري رهيو آهي، ??ياست چمڪائي رهيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪند?? بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ اسيمبلي جي گئلريز ۾ پاڪستان جا شاگرد ۽ نوجوان ويٺل آهن جيڪي ملڪ جو مستقبل آهن، اسان جي حالت ڏسي انهن مان ڪو به سياستدان نه ٿيندو، جمهوري معاشرن ۾ پارليامينٽ جو ميمبر بڻجڻ هڪ فخر ۽ اعزاز آهي، ??فسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هڪ عرصي کان سياست کي گار بڻايو ويو آهي، ??سان کي انهي سياست سان نوجوانن کي روزگار، معاشي انصاف ڏيڻ ۽ هن ملڪ کي هلائڻو آهي، ??سان ضرور مشڪل ۾ آهيون پر مون کي يقين آهي ته اهي ٻار وڏا ٿيندا ته اسان خطي جي قيادت ڪري رهيا هونداسين، پارليامينٽ سپريم ادارو آهي، ??نهن آئين جي ڪري هي ادارو ۽ ملڪ هلي رهيو آهي ان آئين جي بالادستي کانسواءِ پارليامينٽ ۽ ملڪ نٿو هلي سگهي. هن چيو ته سياست پنهنجي جاءِ تي پر ورڪنگ رليشن شپ رکڻ ضروري آهي ۽ ان حوالي سان اسان کي پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته گوڙ ڪرڻ بدران معاملي تي ڳالهه ٿيڻ گهرجي، ??يڪڏهن مخالف ڌر پنهنجي ذميواري پوري نٿي ڪري ته ان سان مسئلا پيدا ٿيندا. هن چيو ته جنهن صوبي ۾ سندن حڪومت آهي اتي روزگار، مهانگائي، ??عليم ۽ دهشتگردي جهڙا وڏ?? مسئلا آهن، جيڪڏهن وڏي وزير جي ذميواري اها آهي ته ميڊيا ۽ مخالف ڌر کي گاريون ڏي ۽ ججن خلاف انتقامي ڪارروائي ڪري ته اهو خدمت ناهي پر سياست چمڪائي رهيو آهي. هن چيو ته منهنجي خاندان آئين ۽ جمهوريت لاءِ قرباني ڏني آهي، ??هيد بينظير ڀٽو نواز شري?? سان گڏجي ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون. اسان اتفاق راءِ سان 18 هين ترميم جي منظوري ڏني، ??يڪڏهن هن ملڪ کي هلائڻو آهي ته ايوان جي ٻنهي پاسن کي گڏجي هلڻ گهرجي. حڪومت سان هزار اختلاف ٿي سگهن ٿا، پر ملڪي مسئلن جو حل ضروري آهي، ??نقيد اسان به ڪئي آهي، وقت اچي ويو آهي ته اسان جائزو وٺون ته حڪومت جي ڪارڪردگي ڪهڙي آهي. حڪومت 8 مهينن ۾ مهانگائي جي شرح گهٽ ڪري 9.6 سيڪڙو ت??ئين وٺي آئي آهي جڏهن ته هدف 12 سيڪڙو ت??ئين آڻڻ جو مقرر ڪيو هو، ان تي حڪومت جي واکاڻ ڪرڻ گهرجي.اسان کي حڪومت کي مشورو ۽ تجويزون به ڏيڻ گهرجن ته اهڙا قدم کنيا وڃن جنهن سان مهانگائي وڌيڪ گهٽ ٿئي. هن چيو ته اسان اختلافن باوجود سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪيون ۽ اتفاق راءِ سان قدم کنيا جنهن سان عوام ۽ صوبن کي فائدو ٿيو. هن چيو ته جڏهن کان ميثاق جمهوريت تي صحيحون ٿيون ان جي اڳئين ڏينهن کان ان اتفاق راءِ ۽ ميثاق کي ڪمزور ڪرڻ ۽ غير سياسي قوتن کي اسپيس ڏيڻ لاءِ سازشن جي شروعات ڪئي وئي. هڪ سياسي پارٽي کي ادارن جي حمايت سان بيهاري اسان جي سياسي نظام کي هڪ اهڙي نقطي تي پهچايو ويو آهي ته ڪو ڪنهن سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار نه آهي. اسان پنهنجي ٻارن جي قسمت سان کيڏي رهيا آهيون، منهنجي درخواست آهي ته پهرين هائوس کي فعال بڻايو وڃي ان کانپوءِ ملڪ کي فعال ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته کيس تمام گهڻو افسوس ٿيو ته هڪ سينئر سياستدان هائوس مان استعيفا جو اعلان ڪيو. آئون مينگل صاحب جي فيصلي مان مايوس ٿيو آهيان، صوبي جي مسئلن جي حل لاءِ سندس جو ايوان ۾ هجڻ ضروري آهي. آئون اڳوڻي وزير تي تنقيد ڪندو رهندس پر اوهان اسيمبليون ۽ ڪميٽيون نه ڇڏيو ۽ پنهنجون ذميواريون ادا ڪريو. مون پهرين به چيو هو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبليون نه ڇڏيو، اهي پاڻ به ڀوڳي رهيا آهن، هاڻي ملڪ به ڀوڳي رهيو آهي، ??سان کي بااختيار ڪميٽيون بڻائڻ گهرجن جنهن ۾ سمورين پارٽين جي نمائندگي هجي. پارليامينٽ ۽ آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت لاءِ اسان کي تلخين جو سلسلو ختم ڪرڻو پوندو.