اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي)??اڻ?? ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب بجلي ۽ توانائي جي شعبي جي نئين سر جوڙجڪ جي حوالي سان حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم جي ويزن موجب ٽن ڊسڪوز جي نجڪاري جي عمل جي شروعات ڪئي وئي آهي، ??جي شعبي کي معيشت کي هلائڻ لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، حڪومت ??جي شعبي کي سهولتن جي ??را??مي لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه هتي ڪي اليڪٽرڪ جي چيئرمين، بورڊ آف ڊائريڪٽرز مارڪ سڪيلٽن سان ملاقات ۾ ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي جي رهواسين کي سستي ۽ جٽادار توانائي جي ??را??مي يقيني بنائڻ، ڪي اليڪٽرڪ طرفان ڪراچي جي وڌندڙ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ڪمپني کي تجديد جوڳي توانائي جي ذريعن طرف منتقلي جي منصوبن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبرن جاويد قريشي، مبشر ايڇ شي??، مونس علوي، سي اي او عمران قريشي، چيف ريگيوليٽري افيئرز عامر غزيني، چيف فنانشل آفيسر ۽ ??اڻ?? وزارت جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيم ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جي قيمت گهٽ ڪرڻ لاءِ پنه??جي جنريشن مڪس ۾ تجديد جوڳي توانائي جي ذريعن کي شامل ڪرڻ جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني. ٽيم ??اڻ?? واري وزير کي ڪراچي جي رهواسين کي بهتر خدمتن جي ??را??مي لاءِ ڪي اليڪٽرڪ طرفان کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو. ??اڻ?? واري وزير چيو ته بجلي ۽ توانائي جي شعبي جي بهتريءَ لاءِ ڍانچه جاتي سڌارن تي عملدرآمد جاري آهي، ان ۾ ڊسڪوز جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ، ??جي شعبي مان پيشوراڻي مهارت وارن ماڻهن کي آڻڻ، بورڊز جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ مجموعي خدمتن کي بهتر بنائڻ لاءِ سرڪاري نامزدگين جي انگ کي گهٽ ڪرڻ شامل آهي. انهن سمورن سرڪاري ڊسڪوز ۽ جينڪوز ۾ ??جي شعبي جي شرڪت يقيني بنائڻ لاءِ حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته وزيراعظم جي ويزن مطابق 3 ڊسڪوز جي نجڪاري جي عمل جي شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ??جي شعبي کي فعال بنائڻ ۽ انهن کي سهولتون ??را??م ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. ??اڻ?? واري وزير ڪي اليڪٽرڪ طرفان توانائي جي پيداوار ۽ ڊسٽري بيوشن جي ڪمن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ۽ توسيع وارن قدمن کي ساراهيو. هن تجديد جوڳي توانائي جي ذريعن طرف منتقلي ۽ سستي توانائي جي پيداوار لاءِ ڪوششن ۾ حڪومت طرفان مڪمل تعاون جي خاطري به ڪرائي.