اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ??سي??بليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق آءِ جي اسلام آباد کي قانوني طريقيڪار موجب گرفتار قومي ??سي??بلي جي ميمبرن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته سمورن گرفتار ميمبرن سان مهذب ورتاءُ ڪيو وڃي ۽ کين بهترين س??ولتون فراهم ڪيون وڃن. گذريل ڏينهن جي واقعي جي مڪمل جاچ عمل ۾ آندي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن ۽ ميمبرن سان پنهنجي چيمبر ۾ ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي پارليامينٽ جي ميمبرن قومي ??سي??بليءَ جي ميمبرن جي پارليامينٽ مان گرفتارين جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اسپيڪر کي گذارش ڪئي ته ان واقعي تي سخت ايڪشن ورتو وڃي. اسپيڪر ان معاملي کي سمورين پارٽين سان گڏجي حل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سمورين پارٽين اهڙن معاملن کي مُنهن ڏيڻ لا??ِ جامع ضابطه ڪار بنائڻ تي به اتفاق ڪيو. اسپيڪر جو چوڻ هو ته ڪالهوڪو واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، پارليامينٽ جا سمورا ميمبر منهنجي لا??ِ انتهائي احترام جي قابل آهن، پارليامينٽ جي وقار تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو، ??سي??بلي ميمبرن جي گرفتاري جا اطلاع انتهائي ڳڻتيءَ وارا آهن. هن چيو ته پارليامينٽ مان گرفتارين جي حوالي سان فوري ۽ مڪمل جاچ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسپيڪر آءِ جي اسلام آباد کي پنهنجي چيمبر ۾ طلب ڪري واقعي بابت ڄاڻ به حاصل ڪئي ۽ آءِ جي کي هدايت ڪئي ته قانوني طريقيڪار موجب سمورن گرفتار ميمبرن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ گرفتار ميمبرن سان مهذب ورتاءُ ڪيو وڃي ۽ کين بهترين س??ولتون فراهم ڪيون وڃن. اسپيڪر سان ملاقات ڪندڙن ۾ اعظم نذير تارڙ، عبدالعليم خان، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، قومي ??سي??بلي ميمبر سيد خورشيد احمد شاهه، سيد نويد قمر، طارق فضل چوڌري، نور ??الم خان، شاندانه گلزار، خالد حسين مگسي، مذهبي معاملن وارو وزير چوڌري سالڪ حسين، سيد امين الحق، امجد علي خان، شاهده اختر علي، علي محمد خان، سني اتحاد ڪائونسل جو سربراهه صاحبزاده حامد رضا ۽ ٻيا شامل هئا.