اسلام آباد -08 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي، ته آئين جي آرٽيڪل 25 اي مطابق تعليم هر انسان جو بنيادي حق آهي، تعليم ۽ خواندگي اسان جي قوم جي مستقبل جي بنياد آهي، قومن جو مق??ر بدلجڻ ۾ تعليم ۽ خواندگي جو اهم ڪردار آهي، ايوان صدر پريس ونگ طرفان عالمي ??وم خواندگي جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي، ته قومن جو مق??ر بدلجڻ ۾ تعليم ۽ خواندگي جو اهم ڪردار آهي، تعليم ۽ خواندگي اسان جي قوم جي مستقبل جي بنياد آهي. آئين جي آرٽيڪل 25 اي مطابق تعليم هر انسان جو بنيادي حق آهي، اڄ اسان هر شهري کي تعليم فراهم ڪرڻ جي عهد جي تجديد ڪيون ٿا، صدر مملڪت چيو ته پاڪستان ناخواندگي جي مسئلي کي نظر ۾ رکندي، قومي تعليمي ايمرجنسي جو اعلان ڪيو، تعليمي ايمرجنسي جو مق??د اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ، 7 ڪروڙ بالغ ماڻهن کي تعليم ڏيڻ آهي. صدر مملڪت هر پڙهيل لکيل شهري کي اپيل ڪئي ته هو گهٽ ۾ گهٽ هڪ اڻ پڙهيل شخص کي تعليم ڏئي. صدر مملڪت وڌيڪ چيو ته خواندگي ۾ اضافي لاءِ بينظير تعليمي ??ظيفا ڏنا پي?? وڃن. مستحق ٻارن کي اعليٰ ثانوي سطح تائين تعليمي ??ظيفن جي صورت ۾ مالي سهڪار فراهم ڪيو پيو وڃي. س??ور?? ضلعن ۾ ڇوڪرن لاءِ 4 هزار ۽ ڇوڪرين لاءِ 4500 روپين تائين في ٽه ماهي وظيفا ڏنا پي?? وڃن. هن وقت 97 لک ٻار بينظير تعليمي ??ظيفا پروگرام مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، صدر مملڪت چيو ته گهٽ آمدني وارن خاندانن جي شاگردن کي 102000 انڊر گريجوئيٽس اسڪالرشپس ڏنيون ويون آهن. اسان کي تعليم جي عالمگير حق کي هٿي ڏيڻ جي قومي ??قصد لاءِ پاڻ کي ٻيهر وقف ڪرڻو پوندو. ملڪ جي مستقبل جي جوڙجڪ ۾ هر فرد جو ڪردار نهايت اهم آهي.