اسلام آباد -29 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، وزيراعظم يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم کي ساراهيندي چيو آهي، ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي معاونت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان هي هڪ اهم پر??گر??م آهي. اهڙو اظهار هن وزيراعظم يوٿ پر??گر??م جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. راڻا مشهود احمد خان ناڻي واري وفاقي وزير کي پر??گر??م جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ چيو ت?? نوجوانن ۾ ڪاروبار کي هٿي وٺائڻ ۽ انهن کي آسان واپاري ق??ض فراهم ڪرڻ جي حوالي سان هي اسڪيم اهميت رکي ٿي. هن چيو ت?? اسڪيم تحت نوجوانن کي وياج جي گهٽ شرح تي ڪمرشل اسلامڪ ۽ ايس ايم اي بئڪن ذريعي آسان قرض ڏنا پيا وڃن. ملاقات ۾ اسڪيم جي موجوده ساک، آپريشن معاملن ۽ لاجسٽڪ ??ميت ٻين اهم معاملن کي شامل ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ناڻي واري وزير اسڪيم کي ساراهيندي چيو ت?? ملڪ جي مجموعي اقتصادي اوسر ۾ اهڙي طرح جون سرگرميون اهميت رکن ٿيون. ملاقات ۾ نوجوانن کي موقعا فراهم ڪرڻ ۽ پائيدار ڪاروبار جي قيام جي حوالي سان قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو ويو.