اسلام آباد-03 آگسٽ (اي پي پي)سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام جي خوداراديت واري حق جي جنگ ۾ حمايت جاري رکندو. پاڪستان پنهنجو قومي فرض سمجهندي ڪشميري عوا?? کي انصاف جي فراهمي لاءِ هر عالمي فورم تي آواز اٿاريو آهي ۽ اٿاريندو رهندو. اهي ڳالهيون هن برلن ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي اهتمام هيٺ ”يوم استحصال ڪشمير“ جي موقعي تي والاريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي طور منعقد ويبينار کي ويڊيو لنڪ وسيلي پنهنجي خطاب دوران ڪيون. وفاقي و??ير چيو ته ??ار?? ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ڪشميري آبادي ۾ تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. 5 آگسٽ 2019ع تي ??ار?? غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ هڪ طرفين ڪارروائين جي شروعات ڪئي. انهن ڪارروائين جو مقصد ڪشميري عوا?? کي بي اختيار ڪرڻ، راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ ۽ کين پنهنجي ئي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ آهي. هن چيو ته اڄ ??ار?? دنيا کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڄمون ڪشمير ان جي سرزمين جو هڪ غير تڪراري حصو آهي، پر اهو ??ار?? ئي هو جيڪو ڄمون ڪشمير جي مسئلي کي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو. سلامتي ڪائونسل ۾ ڄمون ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو. هن چيو ته ??ار?? طرفان والاريل ڄمون ڪشمير تي وحشياڻو قبضو نه رڳو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙ?? آهي، بلڪه انساني حقن جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل اصولن جو مذاق آهي. هن چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير جو عوام ??ار?? جي غيرقانوني ۽ غاصباڻي قبضي خلاف لازوال قربانيون ڏئي رهيو آهي. وفاقي و??ير چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام جي خوداراديت واري حق جي جنگ ۾ حمايت جاري رکندو. پاڪستان حڪومت ڪشميري عوام جي حمايت جي لاءِ متفقه ٺهراءَ منظور ڪري چڪ?? آهي، جنهن ۾ هندو پرست حڪومت جي انتهاپسنداڻن ارادن تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجو قومي فرض سمجهندي ڪشميري عوا?? کي انصاف جي فراهمي لاءِ هر عالمي فورم تي آواز اٿاريو آهي ۽ اٿاريندو رهندو. هن چيو ته اسان جو پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان واعدو آهي ته اسان سندن آواز هر فورم تي ان وقت تائين کڻي وينداسين جيستائين عالمي برادري ان مسئلي تي ايڪشن نه ٿي وٺي. وفاقي و??ير چيو ته عالمي برادري جي ذميدار?? آهي ته ??ار?? مٿان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ والاريل ڄمون ڪشمير تي 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين هڪ طرفو ۽ غيرقانوني قبضو ختم ڪرڻ لاءِ زور ڀري. ويبينار کي برلن ۾ پاڪستاني سفير ثقلين سيده، لارڊ قربان حسين، پرشين سوسائٽي برلن جي اعزازي صدر وولڪر تسپڪي، ڪشميري اڳواڻن شميم شال، وشال ملڪ، الطاف حسين واني ۽ علي رضا سيد پڻ خطاب ڪيو ۽ ??ار?? جي والار هيٺ ڄمون ڪشمير جي سنگين صورتحال تي روشني وڌي.