اسلام آباد -16 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ دهشتگرد?? جي بنون ڪينٽ تي ب??دل??ڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته دهشتگرد?? جي ناپاڪ ارا??ن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادرن کي سلام پيش ڪيون ٿا، شهيدن تي پوري قوم کي فخر آهي ۽ اسان سڀئي شهيد?? جي ڪٽنبن سان گڏ آهيون، شهيد?? جي عظيم قربانين ??ي سدائين ياد رکيو ويندو. گهرو وزارت پاران جاري بيان ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائيندڙ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ شهيد ٿيل سيڪيورٽي فورسز جي 8 جوانن کي خراج عقيدت به پيش ڪيو. هن شهيد?? جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ۽ تعزيت پڻ ڪئي. محسن نقوي چيو ته قوم جي بهادر جوانن پنهنجون حياتيون ڏئي دهشتگرد?? جي وڏي منصوبي کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ سمورن 10 ئي دهشتگر??ن کي دوزخ حوالي ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي فورسز جي بهادر سپوتن دهشتگردي جي سازش کي ناڪام بڻايو. گهرو وزير چيو ته دشمن پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي گندي سازش ڪري رهيو آهي، اتحاد ۽ اتفاق جي طاقت سان دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪنداسين. هن زخمي اهلڪار?? جي جلد صحت يابي لاءِ دعا به ڪئي.