شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف پاڪستان ??ان سرڪاري خرچ تي هڪ هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي زراعت جي جديد تربيت جي لاءِ يانگلنگ ا??گر??ڪلچرل ڊيمانسٽريشن بيس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف شي – آن ۾ يانگلنگ ا??گر??ڪلچرل ٽيڪنالاجي ڊيمانسٽريشن بيس جو دورو ڪيو. وزيراعظم کي ان ??وقعي تي بيس جي ڪم جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هاءِ ٽيڪ ڊيمانسٽريشن زون 2019ع ۾ صدر شي جن پنگ جي هدايت تي قائم ٿيو. يانگلنگ جي زرعي يونيورسٽي ۾ 142 پاڪستاني شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. 120 شاگرد هتان ??ارغ ٿي چڪا آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ قائداعظم يونيورسٽي ۽ ايوب ا??گر??ڪلچر ريسرچ سان گڏجي زرعي جنسن تي تحقيق جاري آهي. وزيراعظم مصنوعي روشني جي ذريعي ڀاڄين ??ي پوکيءَ جي طريقيڪار جو پڻ جائزو ورتو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته يانگلنگ ا??گر??ڪلچر هاءِ ٽيڪ انڊسٽري اينڊ ڊيمانسٽريشن بيس چين ۾ پهريون هاءِ ٽيڪ صنعتي ترقي جو زون آهي. ان ??وقعي تي وزيراعظم پاڪستان ??ان سرڪاري خرچ تي هڪ هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي زراعت جي جديد تربيت جي لاءِ يانگلنگ ا??گر??ڪلچرل ڊيمانسٽريشن موڪلڻ جو فيصلو ڪندي چين ۾ پاڪستاني سفير ۽ لاڳاپيل عملدارن کي چيني عملدارن سان ??نصوبي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم نارٿ ويسٽ ا??گر??ڪلچر ۽ فاريسٽري يونيورسٽي کي پاڪستان ۾ ڪئمپس کولڻ جي دعوت ڏيندي پاڪستان حڪومت پاران ان ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي. وزيراعظم کي بيس جي مختلف حصن ۽ پاڪستاني پويلين ??و دورو پڻ ڪرايو ويو. وزيراعظم کي پاڪستاني پويلين ۾ پاڪستاني مصنوعات پڻ ڏيکاريون ويون. يانگلنگ ا??گر??ڪلچرل ڊيمانسٽريشن بيس ۾ 26 ملڪ زرعي تحقيق ۾ تعاون ڪن ٿا. پاڪستان سڀ کان ??هريون ملڪ هو جنهن يانگلنگ ا??گر??ڪلچرل ڊيمانسٽريشن بيس ۾ تعاون شروع ڪيو. بريفنگ ۾ پاڪستاني سائنسدانن ۽ تحقيق ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستاني يونيورسٽين ??ابت پڻ ٻڌايو ويو. ان ??وقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??ڪ زرعي ملڪ آهي، حڪومت في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ زراعت ۾ جدت جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني زرعي مصنوعات ۽ ان جي پراسيسنگ سان ??لڪي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ??رجيح آهي. وزيراعظم کي جديد پلانٽ پروڊڪشن فيڪٽري جو پڻ دورو ڪرايو ويو جتي زراعت جي طريقيڪار جي مختلف مرحلن جو عملي مظاهرو پڻ پيش ڪيو ويو. وفاقي وزير خواجه مح??د آصف، احسن اقبال، مح??د اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، راڻا تنوير حسين پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.