بنجول – 06 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار 15 هين او آءِ سي سربراهي اجلاس جي موقعي تي گ??مب??ا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي سان بنجول ۾ ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم پاڪستاني ڪميونٽي کي 15 هين او آءِ سي سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي سرگرمين کان آگاهه ڪيو. هڪ پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته محمد اسحاق ڊار پاڪستاني ڪميونٽي کي سربراهه اجلاس دوران ڪشمير ۽ اسلامو فوبيا جي م??ئل?? کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ بنجول ۾ پنهنجي ملاقاتن ۽ سرگرمين بابت ٻڌايو. پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاران انهن کي ڳالهه ٻولهه جو موقعو فراهم ڪرڻ تي کيس ساراهيو. هنن نائب وزيراعظم کي پنهنجي ڪجهه م??ئل?? بابت ٻڌايو ۽ انهن تي غور ڪرڻ جي درخواست ڪئي. هن پاڪستان ۽ گ??مب??ا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون. گ??مب??ا ۾ پاڪستان جو اعزازي قونصل جنرل ڪيبا ڪروبالي، پرڏيهي سيڪريٽري سفير سائرس قاضي ۽ سينيگال ۾ پاڪستان جي سفير صائمه سيد پڻ ان موقعي تي موجود هئا.