اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوٽ ڊي واغ سان اقتصادي ۽ ثقافت?? لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪوٽ ڊي واغ کي پاڪستاني چانور، طبي ۽ جراحي اوزارن، دوائن ۽ راندين جي سامان جي برآمدات وڌائڻ جا تمام وڌيڪ امڪان موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڪوٽ ڊي واغ (آئيوري ڪوسٽ) ??اء?? پاڪستان جي نامزد سفير محمود اختر محمود سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جا ڪوٽ ڊي واغ سان خوشگوار لاڳاپا آهن، نامزد سفير آئيوري ڪوس?? سان واپاري ۽ اقتصاد?? لاڳاپا اڳتي وڌائڻ جا موقعا ڳولي. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي مضبوط بڻائڻ ج?? لاءِ ثقافت?? لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته نامزد سفير ڪوٽ ڊي واغ سان عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جا امڪان پڻ ڳولي، هو ڪوٽ ڊي واغ سان ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ ج?? لاءِ ڪوششون ڪري. صدر آصف علي زرداري محمود اختر محمود ??ي ڪوٽ ڊي واغ ۾ بطور پاڪستاني سفير مقرري تي مبارڪباد پڻ ڏني.