اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) ۽ ٻين اتحادي پارٽين جو صدارتي امي??وا?? آصف علي زرداري 411 ووٽ حاص?? ڪري صدر مملڪت چونڊجي ويو. سندس مقابلي ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جو امي??وا?? محمود خان اچڪزئي 181 ووٽ حاصل ڪيا. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل غير حتمي سرڪاري نتيجن موجب صدر مملڪت جي چونڊ لاءِ مجموعي طور پارليامينٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ پنج پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا هئا، قومي اسيمبلي هال ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن لاءِ قائم پولنگ اسٽيشن مان حڪمران اتحاد جي امي??وا?? آصف علي زرداري 411 وٽ حاص?? ڪري ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته سندس مقابلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل ۽ ٻين مخالف ڌر جي پارٽين جو امي??وا?? محمود خان اچڪزئي 181 ووٽ حاص?? ڪري سگهيو. قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي ٽوٽل 1044 اسيمبلي ميمبر?? پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو جن مان مسلم ليگ (ن)، پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين، متحده قومي موومينٽ پاڪستان، پاڪستان مسلم ليگ، تحريڪ استحڪام پاڪستان، بلوچستان عوامي پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي ۽ ٻين حڪمران پارٽين جي گڏيل امي??وا?? اڳوڻي صدر آصف علي زرداري 411 ووٽ حاصل ڪيا. پولنگ جو عمل 4 وڳي تائين جاري رهيو، اعلان ڪيل نتيجن موجب صدر مملڪت جي چونڊ لاءِ اليڪٽوريل ڪاليج ۾ ڪل ووٽ 1185 هئا جن مان 92 سيٽون خالي آهن، ڪل 1044 ووٽر?? پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو جن مان 9 ووٽ رد ٿي ويا، 1035 ووٽ درست قرار ڏنا ويا، پرزائيڊنگ آفيسرن طرفان حتمي نتيجا ملڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن طرفان ڪامياب امي??وا?? جو نوٽيفڪيشن اڄ آچر تي جاري ڪيو ويندو.