اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ??ڪومت ملڪ ۾ تعليم جي شرح کي بهتر بڻ??ئڻ جي لاءِ صوبن جي لاءِ 25 ارب رپيا ۽ اسلام آباد جي لاءِ 70 ڪروڙ رپين جو پراجيڪٽ منظور ڪيو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ايجوڪيشن اسٽيٽسٽڪس جيڪو تعليم واري وزارت جي ماتحت ادارو آهي، ملڪ ۾ هر 5 سالن کانپوءِ سروي ڪرائ?? ٿو ته ڪيترا ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، گذريل سروي 17 – 2016ع ۾ ٿي هئي. ان کانپوءِ 22 – 2021ع ۾ سروي ڪئي جن??ن ۾ رڳو اسلام آباد جا انگ اکر سامهون رکندي 81 هزار ٻارن مان 71 هزار ٻار واپس اسڪولن ۾ اچي ويا هئا جن??ن جو تناسب 86 سيڪڙو بڻج?? ٿو. هن چيو ته ??وبن کي ان حوالي سان فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، 18 هين ترميم کانپوءِ تعليم جو شعبو صوبن ڏانهن واپس هليو ويو آهي ۽ هاڻي اها انهن جي ذميواري آهي ته ??هي اسڪولن مان جيترا ٻار ٻاهر آهن انهن کي واپس آڻين. هن چيو ته وفاقي حڪومت پوري ملڪ ۾ تعليم جي شرح کي بهتر بڻ??ئڻ جي لاءِ پي ايس ڊي پي تحت 25 ارب رپيا رکيا آهن ۽ اسلام آباد جي لاءِ 70 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.