اسلام آباد – 12 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان غزه جي شهر رفح تي اسرائ??ل جي فوجي جارحيت ۽ ان جي نتيجي ۾ فلسطيني عوام جي قتل عام ۽ ان جي تباهي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته رفح ۾ اسرائ??ل جي جارحيت غزه جي ماڻهن کي نسل ڪشي کان بچائڻ جي لاءِ انصاف جي عالمي عدالت پاران عارضي قدمن جي خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته اهو غزه ۾ گذريل 4 مهينن دوران ٿيند?? انساني تباهي ۾ وڌيڪ اضافو ڪ??دو ۽ امڪاني جنگبندي جي لاءِ جاري ڪوششن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسان عاليم برا??ري خاص طور تي گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اسرائيلي جارحيت ۽ انسانيت جي خلاف اسرائ??ل جي مسلسل ڏوهن کي فوري طور تي بند ڪرائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي.