اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ??ان قنڌار جي گورنر ۽ افغانستان جي ملٽري انٽيلي جنس ۽ اسٽريٽجي جي نائب سربراهه حاجي ملاشيرين جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن بشمول امن ۽ سلامتي ??ان گڏوگڏ عوام ??ان عوام جي رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پرڏيهي وزير ا??غانستان ??ان مسلس?? رابطي ۽ گڏيل فائديمند لاڳاپن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن علائقائي واپار ۽ رابطن جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڳڻتي جي سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. حاجي ملاشيرين چار ڏهاڪن کان لکين افغانين جي فراخدلاڻي حمايت تي پاڪستان کي ساراهيو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي رابطي ۽ ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ان کان اڳ حاجي ملاشيرين جي قيادت ۾ افغان وفد پاڪستان افغانستان گڏي?? رابطا ڪميٽي جي ڇهين اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. جي سي سي اجلاس ?? ٻنهي ڌرين عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي مقصد جي لاءِ سرحد پار چرپر کي آ??ان بڻائڻ جي لاءِ رابطاڪاري جي طريقيڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.