اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (ا?? پي پي) پرڏيهي وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري (آفريقا) شهريار اڪبر خان 5 ۽ 6 ڊسمبر تي گهانا جي شهر اڪرا ?? گڏيل ??ومن جي منعقد ٿيندڙ امن فوج جي وزارتي ميٽنگ ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو وزارتي اجلاس انهن اجلاسن جو حصو آهي جن مان هڪ هن سال آگسٽ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيو هو جن ۾ ”گڏيل ??ومن ج?? پيس ڪيپرز جي حفاظت ۽ سلامتي“ ??ي ڌيان ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته ان اجلاس ۾ اسان جي شرڪت گڏيل ??ومن جي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پائيدار وابستگي کي اج??گر ڪري ٿي جنهن جي تاريخ ڇهن ڏهاڪن تي ٻڌل هڪ اهم فوجي حصيدار طور آهي.