اب??ظه??ي – 27 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ سومر ڏينهن گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، ثقافتي، دفاع ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفن ??اڳاپن کي اڳتي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تو??نائي، پورٽ آپريشنز جي منصوبن، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ، فوڊ سيڪيورٽي، لاجسٽڪس، کاڻين جي کو??ائ??، ايوي ايشن ۽ بئنڪنگ اينڊ فنانس سروسز جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تعاون سميت مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون وينديون.