اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ملڪ ۾ سياسي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين جي وچ ۾ اتفاق راءِ جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن، ڪنهن سان ڪو امتياز نه ٿيندو، رياستي ميڊيا تي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ڏني پئي وڃي، ميڊيا کي چونڊن دوران سازگار ماحول فراهم ڪيو ويندو، مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ جعل?? خبرون پوري دنيا جو مسئلو آهي، سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعل?? خبرون آهن. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي صدر ميجر جنرل (ر) رضا محمد جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال، جعل?? خبرن ۽ ڊس انفارميشن جي ??ات??ي، ايندڙ عام ??ونڊن، سوشل ميڊيا جي مسئلن، ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ چونڊن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير کي ملڪ جي سياسي منظرنامي تي ادارن جي تازه ترين تحقيق کان آگاهه ڪيو ۽ نگران حڪومت جي آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي يقيني بڻائڻ جي عزم کي ساراهيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊو?? منعقد ڪرائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، چونڊو?? منعقد ڪرائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪنداسين. هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن، ڪنهن سان ڪو امتياز نه ٿيندو. هن چيو ته ملڪ ۾ سياسي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين جي وچ ۾ اتفاق راءِ جو فروغ لازمي آهي. مس انفارميشن ۽ جعل?? خبرن جي حوالي سان ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز پوري دنيا جو مسئلو آهي، سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئيلنج جعل?? خبرون آهن جن جي ??ات??ي ۾ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ملاقات ۾ ايندڙ عام ??ونڊن ۾ ميڊيا جي ڪردار تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ميڊيا کي چونڊن دوران سازگار ماحول فراهم ڪيو ويندو، رياستي ميڊيا تي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ڏني پئي وڃي. وفد پاڪستان ۾ اتفاق راءِ کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن ۾ حڪومت سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر (ايڊووڪيسي اينڊ ڪميونيڪشن) صديق همايون، حشام، جويريه، انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر خرم عباس ۽ انسٽيٽيوٽ آف پاليسي اسٽڊيز مان نوفل شا??ل هئا.