اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي. سزائن ۾ گهٽائي قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين تي لاڳ?? نه هوندي، سزائن ۾ گهٽتائي زنا، چوري، ڦر، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين تي به لاڳ?? نه هوندي. سزا ۾ گهٽتائي مالي ڏوهن ۽ قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به لاڳ?? نه هوندي. سزا ۾ گهٽتائي غ??رم??ڪي ماڻهو ??يڪٽ، 1946ع ۽ منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع تحت سزا يافته ماڻهن تي به لاڳ?? نه هوندي، 65 سالن کان وڌيڪ عمر جا مرد قيدي جيڪي پنهنجي قيد جو ٽيون حصو ڪاٽي چڪا آهن، انهن تي لاڳ?? هوندي. 60 سالن کان وڌيڪ عمر جون عورت قيدي جيڪي قيد جو ٽيون حصو ڪاٽي چڪيون آهن، انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳ?? هوندي. 18 سال کان گهٽ عمر جا ماڻهو ??يڪي پنهنجي سزا جو ٽيون حصو ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳ?? هوندي.