اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان لانگ رينج فيلڊ ٽارگيٽ رائيفل ٽيم جي وفد مل??قات ڪئي. مل??قات ۾ صدر پاڪست??ني رائيفل ٽيم کي برطانيا ۾ ٿيندڙ يورپي لانگ رينج رائيفل چيمپئن شپ 2023ع کٽڻ تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليفٽيننٽ جنرل احسن گلريز ۽ ڪرنل جنيد وقاص کي چاندي جو تمغو جڏهن ته ڪرنل جنيد علي کي ٽامي جو تمغو کٽڻ تي خصوصي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پاڪ فوج جي ٽيم عالمي سطح تي رائيفل شوٽنگ جي مقابلي ۾ به??رين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، پاڪست??ني رائيفل ٽيم يورپين چيمپيئن شپ کٽڻ تي ساراهه جي لائق آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ مختلف راندين کي فروغ ڏيڻ ۽ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. هن پاڪست??ني رائيفل ٽيم جي لاءِ مستقبل ۾ پڻ ڪاميابي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.