اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناليواري شاعر، اديب ۽ دانشور ??فت??ار عارف جي علمي ۽ ادبي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ??فت??ار عارف هڪ اهڙو روشن ستارو آهي جيڪو ملڪ ۾ علم ۽ ادب جي حوالي سان پنهنجو مقام رکي ٿو، ??فت??ار عارف ادب ۾ ڇانوَ واري وڻ وانگر آهي، پي ٽي وي جي شهره آفاق پروگرامن ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ نامياري شاعر ??فت??ار عارف جي زندگي تي ٺهندڙ دستاوي??ي فلم ”ٻارهُون رانديگر“ جي جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پاڪستان جي ميڊيا ۽ علم ۽ ادب جي رکوالن جو نالو ورتو وڃي ته ??فت??ار عارف جو نالو سڀ کان مٿاهُون هوندو. ??فت??ار عارف ريڊيو پاڪستان تان پنهنجي ڪم جي شروعات ڪئي، پي ٽي وي جي شهره آفاق پروگرامن ۾ به هن اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ??فت??ار عارف ادب ۾ ڇانوَ واري وڻ وانگر آهي. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري سيڪريٽري ظهور احمد چيو ته ??فت??ار عارف جون ادب جي شعبي ۾ تمام گهڻيون خدمتون آهن. اڄ جي تقريب پاڪستان جي ادب ۽ شاعري جي لاءِ حوصلا افزا آ??ي. هن چيو ته پاڪستان ٽيلي ويزن جي شروعات کان وٺي هيستائين مختلف پروگرامن ۾ شاعرن ۽ اديبن جو ڪردار وسارڻ جوڳو نه آهي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته ??فت??ار عارف جو ادب جي شعبي ۾ تمام وڏو مقام آهي، هو پنهنجي شعبي جو اڳواڻ آهي. ??فت??ار عارف شاعري کانسواءِ به ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون، سندس علمي ۽ ادبي خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي ??فت??ار عارف جي زندگي تي ٺهندڙ دستاوي??ي فلم ”ٻارهُون رانديگر“ پڻ ڏيکاري وئي. بعد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ناليواري شاعر ??فت??ار عارف چيو ته دستاوي??ي فلم ۾ پنهنجي دوستن جي ڳالهه ٻولهه ٻڌي تمام گهڻي خوشي ٿي. عائشه اڪرم ان فلم جي تيا??ي ۾ بهترين ڪوشش سرانجام ڏني جنهن تي عائشه اڪرم سميت پوري ٽيم جو ٿورائتو آهيان. واضح رهي ته ”ٻارهون رانديگر“ دستاوي??ي فلم ناليواري شارٽ فلم ميڪر عائشه اڪرم تيار ڪ??ي جنهن ۾ ??فت??ار عارف جي زندگي جي مختلف رخن کي اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته ملڪ جي ناليواري علمي ۽ ادبي شخصيتن جا تاثر پڻ ان فلم ۾ شامل آهن. اها فلم اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، انفارميشن سروس اڪيڊمي ۽ پي ٽي وي فلمز جي سهڪار سان جاري ڪئي وئي.