اسلام آباد – 21 – جو??اء?? (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي مالي خودمختياري جي ??اء?? انهن کي هنرمند بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري جي منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن بابت پنهنجي روين کي بدلائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت جي عالمي اداري ۽ جان ه??پڪ??ز يونيورسٽي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد صحت جي عالمي اداري جي پاڪستان ۾ سربراهه ڊاڪٽر پ??لي??ا مهي پالا جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر ۽ خاتون اول جي خصوصي ماڻهن، ڇاتيءَ جي ڪينسر، نفسياتي صحت ۽ صحت جي ٻين مسئلن تي ڪوششن کي ساراهيو. صد?? چيو ته خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ انهن جي سهولتن ??اء?? انهن کي مددگار ٽيڪنالاجي ڏيڻ جي ضرورت آهي. بحالي ۽ مددگار ٽيڪنالاجي جي خدمتن کي پرائمري ۽ ڪميونٽي سطح تي فراهم ڪرڻ جي ??اء?? ڪم ڪرڻو پوندو. صد?? چيو ته خصوصي ماڻهن کي اعليٰ معيار، محفوظ ۽ سستي بحالي جي خدمتن ۽ مددگار ٽيڪنالاجي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. صدر صحت جي عالمي اداري جي بحالي 2030ع منصوبو شروع ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ جان ه??پڪ??ز يونيورسٽي ۽ صحت جي عالمي اداري کي بحالي ليڊرشپ ڪورس ڪرائڻ تي ساراهيو.