اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 2 بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر بورڊ آف انويسٽمنٽ (ترميمي) بل 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي، بل جو مقصد بورڊ آف انويسٽمنٽ آرڊيننس 2001ع ۾ ترميم ڪرڻ آهي. صدر پاڪ??تا?? جنرل ڪاسميٽڪس بل 2023ع جي پڻ توثيق ڪ??ي ڇڏي، بل جو مقصد ڪاسميٽڪس جي خريد ۽ وڪري، معيار، پيڪنگ، تياري، اسٽوريج ۽ ورڇ کي ريگيوليٽ ڪرڻ آهي. صدر بلن جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 ت??ت ڏني آهي.