اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيني وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سمورن شعبن ?? تعاون وڌا??ڻ تي ات??اق ڪيو آهي ته جيئن علائقائي امن، خوشحالي ۽ استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ سا?? گڏوگڏ پنهنجي ملڪن جي ماڻهن کي فائدو پهچائڻ جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪري سگهجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي چيانگ جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، اها ڳالهه ٻولهه روايتي گرمجوشي ۽ هم آهنگي تي ٻڌل هئي جنهن ۾ پاڪ چين سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي اجاگر ڪيو ويو. شهباز شريف چيني وزيراعظم کي ان عهدي جي لاءِ ان جي تازي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني جيڪو چيني قوم جي گهري اعتماد ۽ عوامي خدمت ۾ ان جي ڪيترين ئي ڪاميابين سا?? پيدا ٿيندڙ ان تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. سدا بهار حصيدارن ۽ ويجهي دوستن جي حيثيت سا?? پاڪستان چين جي پرامن ترقي کي عالمي امن ۽ استحڪام جي مثبت عنصر طور ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي يقين ظاهر ڪيو ته چين ترقي ۽ بحالي طرف پنهنجي سفر ۾ اهم سنگ ميل حاصل ڪندو رهندو. وزيراعظم چين جي بنيادي مسئلن بشمول ”ون چائنا“ پاليسي، تائيوان، تبت، سنڪيانگ، هانگ ڪانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين تي پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي چين جي اصولي موقف ۽ بنيادي مسئلن تي پاڪستان جي حمايت تي چين جا ٿورا مڃيا. چيني وزيراعظم چين جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي قومي ترقي، خودمختياري ۽ علائقائي سا??ميت جي لاءِ چين جي حمايت جاري رک?? جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته سدابهار دوست جي حيثيت سا?? چين پاڪستان سا?? هر وقت گڏ بيٺل رهندو. نومبر 2022ع ۾ وزيراعظم جي چين جي دوري ۽ صدر شي جن پنگ ۽ چيني قيادت سا?? وسيع ڳالهه ٻولهه کي ياد ڪندي ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ سميت اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جو جائزو ورتو. هن سمورن شعبن ۾ پنهنجي تعاون کي وڌا??ڻ تي ات??اق ڪيو ته جيئن علائقائي امن، خوشحالي ۽ استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ سا?? گڏوگڏ پنهنجي ملڪن جي ماڻهن کي فائدو پهچائڻ جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪري سگهجي.